سانگهڙ ناول

سانگهڙ ناول

سانگهڙ ناول

سانگهڙ ناول

سانگهڙ ناول

سانگهڙ ناول

سانگهڙ ناول

سانگهڙ (ناول): برک اديب، ڪهاڻيڪار ۽ صحافي محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو سرجيل سنڌي ادب جو مقبول ترين تاريخي ناول آهي، جيڪو هن انگريز دور ۾ حرن جي جدوجهد تي لکيو ويو آهي. هن ناول ۾ انگريز راڄ جي ظلمت ۽ آزاديءَ جي متوالن جي ڀرپور نموني ڪردار نگاري ٿيل آهي. هي ناول ڏيپلائي صاحب، 1961ع ۾ حيدرآباد سينٽرل جيل جي سي ڪلاس ۾ 40 ڏينهن جي قيد دوران لکيو، جتي ’سي ڪلاس‘ جي قيدي حرن جا داستان ٻڌي کيس هن ناول لکڻ لاءِ اتساهه مليو. حرن بابت انگريزن ۽ سندن درٻارين جيڪـا غـلـط پـروپيـگـنڊا ڪئي هئي. هي ناول ان جو ٽوڙ ثابت ٿيو ۽ عوام آڏو حرن جي وطن دوستيءَ جي حقيقت سامهون آئي. هي ناول حر تحريڪ جي جدوجهد، دليري، جوانمردي، وفاداري ۽ سچائيءَ جو شاهڪار داستان آهي. ڏيپلائي صاحب هي ناول ’من ميربحر‘ جي نالي ڪيو آهي، جنهن کي انگريزن ڦاهيءَ تي چاڙهيو هو ۽ سندس قبر جو پتو پئجي نه سگهيو.
هن ناول ۾ سورهيه بادشاهه جي جدوجهد سان گڏ انهن لاتعداد حر مجاهدن مردن ۽ خصوصاً عورتن جي قربانين جو ذڪر آهي، جن پنهنجيون جانيون گهوري انگـريـزن جا پيـر ڪـڍيا. ناول ۾ مجاهـدن مان ڪيترن جا نالا وٺي سندن جدوجهد جي تصوير ڪشي ڪئي وئي آهي. هن ناول جو پهريون ڇاپو 1963ع ۾ شيخ غلام علي اينڊ سنز وارن ڇپايو، جنهن کي پاڪستان رائٽرز گلڊ، سال 1963ع جو بهترين سـنڌي نـاول جو انعام ڏنو. هي ناول ڊيمي سائيز جي 650 صفحن تي مشتمل هـو ۽ ان جي قيمت 10 روپيا هئي. ان جو ٻيو ايڊيشن سعيد سومري، 1985ع ۾ شايع ڪيو، جڏهن ته ان جو ٽيون ڇاپو نيو فيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد، 1993ع ۾ ڇپايو. ان کانپوءِ ناول جو اختصاري ايڊيشن، روشني پبليڪيشن ڇپايو ۽ 2010ع ۾ سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد، هن ناول جو مڪمل چوٿون ڇاپو ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي.
ڊيمي سائز جي هن ڪتاب ۾ 495 صفحا آهن، ۽ ان جي قيمت 400 روپيا آهي. ساڳئي سال روشني پبليڪيشن، ڪنڊياري، پڻ هن ناول جو نئون ڇاپو ڇپرايو آهي. ڊيمي سائز جي هن ڪتاب ۾ 526 صفحا آهن ۽ قيمت 400 روپيا آهي. هن ڪتاب جي تلخيص تي مشتمل اردو ترجمو، ڏيپلائي صاحب جي نياڻي ثريا سوز ڏيپلائيءَ ڪيو آهي.
هي ڪتاب ڊيمي سائيز جي 272 صفحن تي مشتمل آهي، جيڪو فڪشن هائوس لاهور پاران، سال 2002ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي، ان جي قيمت 160 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو